Tuesday, July 21, 2009

GHAREELO TOTKA

امبرين هيسباڻي

هڪ اهو دور هو جڏهن اسان جون وڏيون ٻڍڙيون نانيون ڏاڏيون اڪثر ڪري پنهنجين ڌيئرن، ننهن ، پوٽين ۽ ڏوهٽين کي ٻارن ۽ وڏن جي بيمارين جيئن کنگهه، پيٽ جي سور، ٿڌ لڳڻ جهڙين هلڪين ڦلڪين بيمارين جي حوالي سان گهريلو نسخا (جنهن کي سـُتيون ڦڪيون چيو ويندو آهي) ٻڌائينديون هيون ته جيئن هو گهڻي خرچ کان بچي وڃن ۽ کين ڪنهن ڊاڪٽر جي ڳرين فيسن کي منهن نه ڏيڻو پئجي وڃي ۽ انهن ٻڍڙين جون ڏسيل اهي ستيون ڦڪيون مريضن لاءِ بيحد ڪارائتيون ثابت ٿينديون هيون، انهن ٻڍڙين پاران ستين بابت پنهنجي ننهن کي ٻڌائڻ جو اهو مطلب هوندو هو ته اهي اڃا الاءِ ڪيترا ڏينهن هن دنيا ۾ رهنديون ته جيئن سڀاڻي انهن کانپوءِ سندن ٻچڙن جي سار سنڀال ننهون انهن ستين وسيلي ڪن ۽ ڌيئرن کي اهو ڏس ان لاءِ ڏينديون هيون ته اڳتي هلي انهن کي پرائي گهر وڃڻو آهي، اتي جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي ته جيئن انهن کي ڪنهن مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي، ائين ئي اهي ٻڍڙيون پنهنجا گهريلو ٽوٽڪا (ستيون) پنهنجي هڪ پيڙهي کان ٻي پيڙهي تائين منتقل ڪنديون هيون، پر اڄوڪي جديد دور ۾ وڏڙين جي ڏس ۽ ٽوٽڪن ڏيڻ وارو رجحان بلڪل ختم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، ڇو جو اڄڪلهه جون ڇوڪريون پنهنجي وڏڙين جي انهن ٽوٽڪن تي ڌيان ڏيڻ بدران هلڪي ڦلڪي بيماري کنگهه، پيٽ جي سور، مٿي جي سور لاءِ به سڌو ڊاڪٽرن جو رخ ڪن ٿيون، انهن جي لاءِ وڏڙين جا اهي ڏس بي معنيٰ آهن، نوشهروفيروز جي رهواسڻ شريفان جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 70 سال هوندي جنهن کي پنهنجي سس ۽ ماءُ پاران مليل ڏس جيڪي اڄ به هن جي ذهن ۾ موجود آهن ۽ انهن ڏسن جو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندي رهي ٿي پر گهر ۾ هن جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي سندن گهر وارن جو چوڻ آهي ته امان جا ڏس اهي ٽوٽڪا پراڻي زماني جا آهن پر انهن ٽوٽڪن جو استعمال هن اڄوڪي دور ۾ ڪرڻ ناممڪن آهي، ٽوٽڪن بابت ٻڌائيندي شريفان چيو ته اسان جي زماني ۾ انهن هلڪين ڦلڪين بيمارين وارا ٽوٽڪا وڏي معنيٰ رکندا هئا ۽ اهي هر بيماري لاءِ ڪارائتا به هوندا هئا، اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن کي پيٽ جي سور جي لاءِ ڪا شيءِ ٻڌايون ٿا ته هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه ڪي ڊاڪٽر چون ٿا ته هو ڊاڪٽر جي ڳالهه تي عمل ڪن ٿا ۽ رڳو ڪيميائي گوريون کائي کائي پنهنجو اندر ساڙيو ڇڏين ٿا، پهرين جڏهن ڪنهن ٻار يا وڏي کي کنگهه ٿيندي هئي ته ان کي اسان ڪاڙهو ٺاهي ڏينديون هيونسين، جنهن کي اڄڪلهه جوشاندو چيو وڃي ٿو، کنگهه جي لاءِ وڏو ڦوٽو، دال چيني، لونگ، سنڍ، ڳڙ، جاڻ اهي سڀ شيون پاڻي ۾ ملائي باهه تي ڪاڙهيو ويندو هو پوءِ اهو ڪاڙهو کنگهه واري مريض کي پياربو هو پوءِ ڪيڏانهن وئي کنگهه ۽ جلد فرق اچي ويندو هو، پوءِ وڏو هجي يا ننڍو ٻار ان کي ڪاڙهو پياري ان کي باقاعدگي سان چيو ويندو هو ته مٿان چادر يا رلي وجهه ته جيئن توهان کي پگهر اچي ته بيمار مريض کي فائدو ٿئي، مريض کي ايندڙ پگهر کي هوا نه لڳڻ ڏيندا هئاسين، انهيءَ ۾ مريض کي اڌرنگي جو خدشو ظاهر ڪيو ويندو هو، ان کان علاوه جيڪڏهن پيٽ ۾ سور آهي ته ان جي لاءِ ڦودني جي ٽڪي، سونف، وڏو ڦوٽو استعمال ڪيو ويندو هو، جيڪڏهن ٻار کي ٿڌ لڳي ويندي هئي ته ان جي لاءِ سنڍ، وڏو ڦوٽو، ڦودني ٽڪي کي ڪٽي مڪس ڪري ٿوري ماکي ۾ ملائي کارائي ويندي هئي، ٻار جو ڪاڪڙو لهندو هو ته ان جي لاءِ چاٽو (سـُتي) ٺاهي ويندي هئي، جيڪڏهن ٻار کي دماغ جي ڪمزوري هوندي هئي ته ان جي لاءِ ٻار کي ناس ڏني ويندي هئي پر هاڻي اهي سڀ شيون ڪٿي رهيون آهن، اڄڪلهه جون ڇوڪريون انهن ستين مان ڪجهه به نه ٿيون ڄاڻين ۽ نه ئي پنهنجن وڏڙين کان اهي ٽوٽڪا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، اڄڪلهه جي عورتن کي اهي ٽوٽڪا خفو ٿو لڳي، انهن کي ته اهو ڪم کپي جيڪو جلدي ٿي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ڏٺو وڃي ته گهڻي محنت ته انهن ٽوٽڪن ۾ به نه آهي پر ڪير چوي اڄڪلهه جي عورتن ۽ ڇوڪرين کي ته اسان جي وڏڙين پاران مليل اهي ستيون ڦڪيون بي مثال آهن. 

ايم بي بي ايس ڊاڪٽر قيصر سلطانه جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته اڄڪلهه گهريلو ٽوٽڪن جو استعمال ڪرڻ وارو رجحان گهٽ ٿيندو پيو وڃي جيڪو نه ٿيڻ کپي، آئون پاڻ ڊاڪٽر آهيان پر مان هميشه جيان اڄ به پنهنجي ٻارن جي لاءِ پهرين گهريلو ٽوٽڪو استعمال ڪندي آهيان، جيڪڏهن ان مان فائدو نه ٿيندو آهي ته پوءِ انهن کي ايلوپيٿڪ دوائون ڏيندي آهيان، هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قيصر سلطانه ٻڌايو ته پهرين وقت ٻيو هو ۽ هاڻي ٻيو وقت آهي، زمانو تبديل ٿي چڪو آهي، پهرين ته اسان گهر جو خرچ بچائڻ لاءِ ٻارن کي سيءُ لڳڻ يا موشن ٿيڻ تي گهريلو ٽوٽڪن جو استعمال بهتر سمجهنديون هيونسين، پر جڏهن ته اڄڪلهه جون ڇوڪريون بيماري جي حالت ۾ دوا به نه ٿيون کائن، اهي اسان جي پراڻي زماني جي گهريلو ٽوٽڪن کي ڇا سمجهنديون، انهن کي هڪ نڇ به ايندي آهي ته هو سڌو ڊاڪٽر جو منهن ڏسن ٿيون ۽ ڳريون دوائون استعمال ڪن ٿيون، اسان وٽ اڳ ۾ نه صرف بيماري جي حوالي سان گهريلو ٽوٽڪن جو استعمال ٿيندو هو پر ٻيون به ڪافي اهڙيون شيون هونديون هيون جيئن ڪپڙن تي داڳ لڳي وڃي ته ان کي هٽائڻ لاءِ داڳ جي مٿان بنا خوشبو جو پائوڊر لڳائي استري ڪيو ويندو هو ته داغ هٽي ويندو هو پر هاڻي جيڪڏهن ٿورو سڻڀ ڪپڙي کي لڳي ٿو ته اڄوڪيون ڇوڪريون چون ٿيون ته هي وڳو هاڻي اسان جي ڪم جو نه رهيو آهي، اهي گهريلو ٽوٽڪا انهن کي نه صرف پنهنجي گهر ۾ ڪم اچن ٿا پر جڏهن هو ساهراڻي گهر وڃن ٿيون ته اتي به انهن کي اهي ٽوٽڪا ڪم اچن ٿا، جيڪڏهن نه ته پوءِ ساهرن جون ڳالهيون انهن کي ٻڌڻيون پون ٿيون، مون کي ٻن ڌيئرن جو اولاد اهي هڪ ڌيءَ جي شادي ڪري ڇڏي ۽ مون هن کي سڀ گهريلو ٽوٽڪا ٻڌايا آهن پوءِ به هن کي جيڪڏهن ڪا مشڪل ٿيندي آهي ته هو مون کان فون ڪري پڇي وٺندي آهي. 

اها ته هئي گهريلو ننڍن ننڍن ٽوٽڪن جي ڳالهه ته ڪيئن انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر هن اڄوڪي دور ۾ ڪافي ڇوڪريون گهريلو ڪم ڪارن کان به ناواقف آهن، ڇو ته اڄڪلهه جون مائرون پنهنجن ڌيئرن کي ايترو ته پيار ڏين ٿيون انهن مائرن جو اهو پيار ڌيءَ جي مستقبل واري زندگي ۾ ڪافي مشڪلاتون آڻي ٿو، جڏهن شادي کانپوءِ ڇوڪريون پنهنجي ساهرن وٽ پهچن ٿيون ته اتي هو پنهنجي ذميوارين کان لنوائن ٿيون، انهن مائرن جو پنهنجين ڌيئرن سان ايترو لاڏ ڪوڏ هجڻ ڪري انهن کي گهر جو ڪم ڪار سکڻ جو موقعو به نه ڏينديون آهن، جيڪي ڇوڪريون گهر جي ڪم ڪار کي هٿ لڳائيندون آهن ته انهن جون مائرون فخر سان چونديون آهن ڪا ڳالهه ناهي جيڪڏهن ڪم نه ڪيائين ته ڇا ٿي پيو؟ ساهراڻي گهر وڃي سڄي عمر ڪم ئي ته ڪرڻو آهي پوءِ جڏهن اهي ڇوڪريون ساهراڻي گهر وينديون آهن ته انهن کي سامهون ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون آهن ته توهان پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهران ڇا سکي آيون آهيو، ڪجهه اهڙي ڪهاڻي زيب النساءَ جي به آهي جنهن کي ماءُ جي پيار اڄ ايتري ته مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي جو اڄ هو پنهنجي ساهرن کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي، زيب النساءَ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته شادي کي 2 سال گذري ويا آهن، ساهرن جو مون سان رويو پهرين صحيح هوندو هيو پر گهر ۾ ڪم ڪار نه ڪرڻ تي انهن جو رويو هاڻي مون سان صحيح نه آهي، انهيءَ ۾ انهن جو ڏوهه نه آهي، ظاهري ڳالهه آهي مان گهر جو ڪو به ڪم نه ڪنديس ته انهن جو مون سان اهو رويو بجا آهي، جيڪڏهن منهنجي ماءُ مون کي پيار سان گڏو گڏ گهريلو ڪم ڪار جي به تربيت ڏئي ها ته اڄ مون کي اهو ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها، مان هر ماءُ کي اهو چونديس ته توهان پنهنجي اولاد کي پيار محبت، انهن جي هر خواهش ضرور پوري ڪريو پر انهيءَ سان گڏو گڏ انهن گهريلو ڪم ڪار جي تربيت ڏيو ۽ گهريلو ٽوٽڪن بابت به آگاهه ڪريو ته جيئن سڀاڻي هو پنهنجي ساهرن اڳيان پنهنجو بهتر مقام ٺاهي سگهن مون وانگي پاڻ کي شرمسار محسوس نه ڪن.

No comments:

Post a Comment