Tuesday, July 21, 2009

واهه ڇا ته اسٽائل آهن، ڪهو نا پيار هي، اهي جملا اڪثر توهان ڇوڪرن جي واتان ٻڌا هوندا، جڏهن به هو ڪنهن ڇوڪريءَ کي ڏسن ٿا يا ڪا ڇوڪري انهن جي اڳيان لنگهي ٿي، اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته ڇوڪرا آخر ڪار ڇو اهڙا ڪمنٽس پاس ڪندا آهن؟ ڇو ڇوڪرين کي ائين تنگ ڪندا آهن، ڇوڪرن جي انهيءَ ورتاءُ ڪري ڪيترين ئي ڇوڪرين ٻاهر اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڪنهن ته وري پنهنجي پڙهائي به ڇڏي ڏني ته اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي وڃڻ به، ڇوڪرا ته گس تي بيٺا هوندا آهن ۽ تنگ ڪندا آهن، ضروري ناهي ته هر ڪنهن جو ڀاءُ يا پيءُ فارغ هجي، ڪافي ڇوڪرين يا ورڪنگ وومين جا مائٽ هوندا آهن يا ڪنهن جا وري پيءُ نه هوندا آهن، يا ڪنهن جا هوندا به آهن ته اڪثر ڪمن ڪارن ۾ مصروف هوندا آهن ته انهن ڇوڪرين کي اڪيلو ئي وڃڻو پوندو آهي ۽ انهيءَ ڳالهه جو فائدو وٺندي ڇوڪرا رستي تي بيٺا هوندا آهن، آواز ڏيندا آهن گانا ڳائيندا آهن يا بدتميزي ڪندا آهن، ڪي ڇوڪريون ته وري چپ ڪري هليون وينديون آهن يا ڪي وري پويان ڪاوڙ ۾ ڏسنديون آهن ۽ دڙڪا ڏينديون آهن، ان حوالي سان يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي ساره جو چوڻ آهي ته واقعي اسان جي معاشري جو هڪ وڏو مسئلو آهي ته ڇوڪرا رستي ۾ يا بازارن ۾ تنگ ڪندا رهندا آهن، آئون جڏهن به يونيورسٽي مان ايندي آهيان يا صبح جو جڏهن ويندي آهيان ته ڇوڪرا مختلف جملا پاس ڪندا آهن، ڪڏهن ته پويان به لڳندا آهن مان ڪافي پريشان ٿي ويندي آهيان پر آئون ڪڏهن به انهن کي جواب نه ڏيندي آهيان، ڇو ته جيڪڏهن توهان اهڙن ڇوڪرن کي چوندئو ته هو اڃا وڌي تنگ ڪندا آهن، ائين ئي ڪاليج جي هڪ شاگردياڻي اقصيٰ ٻڌايو ته هر گرلز ڪاليج جي اڳيان توهان ڏسندا ته وڏي قطار ۾ ڇوڪرا بيٺا هوندا آهن ۽ موڪل جي وقت ايترو ته رش ٿي ويندي آهي، منهنجي ته پوءِ ڪاليج مان نڪرڻ تي دل ئي نه چوندي آهي، جڏهن ڪجهه رش گهٽ ٿي ويندي آهي ته پوءِ مان ڪاليج مان نڪرندي آهيان، منهنجو ڀاءُ ۽ بابا ڪم تي ويندا آهن ۽ مون کي وٺڻ جي لاءِ اچي نه سگهندا آهن، انهيءَ ڪري مون کي اڪيلو ئي اچڻو پوندو آهي، اهڙن ڇوڪرن جي ڪري روز مان ڪيئن ايندي ويندي آهيان اها مون کي ئي خبر آهي، هڪ پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪندڙ نائلا چيو ته آئون هڪ ورڪنگ وومين آهيان ۽ اڪيلي ئي ايندي ويندي آهيان، ۽ روز ئي اهڙن ڇوڪرن کي منهن ڏيندي آهيان، جڏهن ته آئون ڪڏهن فالتو هيڏانهن هوڏانهن نه نهاريندي آهيان، پر پوءِ به ڪجهه بدتميز ڇوڪرا هر جاءِ تي موجود هوندا آهن ڪڏهن گانا ڳائيندا، ڪڏهن لفٽ ڏيڻ لاءِ چوندا آهن پر آئون هميشه کين نظر انداز ڪري هلندي ويندي آهيان، آخر اسان ڪيترن جي مٿان ڪاوڙ ڪنداسين، هتي ته هر رستي تي اهڙا ڇوڪرا موجود آهن، شمائلا جو چوڻ آهي ته ٻاهر جي ته ڳالهه توهان ڇڏيو هتي يونيورسٽي جيڪا ايڏو وڏو تعليمي ادارو آهي اتي پڙهڻ لاءِ ايندڙ اڪثر ڇوڪرا به هوٽنگ پيا ڪندا آهن، ڪير به ڇوڪريءَ انهن جي اڳيان لنگهي وڃي جيستائين ڪجهه جملو چون نه يا ڪو به گانو نه ڳائين تيستائين انهن کي سک ناهي ايندو. يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي رانيه جو چوڻ آهي ته منهنجو ڀاءُ ۽ نه ئي بابا کي ٽائيم ملي ٿو جو هو هر جاءِ تي مون سان گڏ وڃن، آئون ڪمپيوٽر پڙهي رهي آهيان ۽ انهيءَ لاءِ مون کي ڪمپيوٽر جي دڪانن ۽ مارڪيٽ ۾ وڃڻو پوي ٿو، توهان يقين ڪريو ته آئون جڏهن به ڪٿي ويندي آهيان ته رستي تي ماڻهو ائين ٿا ڏسن ڄڻ مان ڪا ٻي مخلوق آهيان اتي مان عجيب محسوس ڪندي آهيان، ڇوڪرن ۽ ماڻهن جي رويي مان انهن جي ڪمينٽس کان ايترو ته پريشان ٿي ويندي آهيان جو هاڻ منهنجا ٻاهر جا ڪيترائي ڪم پيا آهن پر آئون نه پئي وڃا ته بابا فارغ ٿئي ته وڃان، اڪيلي وينديس ته پوءِ بس عجيب عجيب ڳالهيون چوندا ۽ ڏسندا، الاءِ ڪڏهن اسان جو معاشرو سڌرندو. ميٽرڪ جي شاگردياڻي طوبيٰ جو چوڻ آهي ته اسان جي اسڪول جي موڪل جو وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ سڄي شهر جا ڇوڪرا اسڪول کان ٻاهر اچي ويا آهن، اهي اسان کي ڪافي تنگ ڪندا آهن، پويان ٿا اچن مان ڊڄي ويندي آهيان هڪ ڀيرو ته هڪ ڇوڪري کي مون چماٽ وهائي ڪڍي، هو مسلسل مهيني کان مونکي تنگ ڪري رهيو هو، گهر تائين به اچڻ جي ڪوشش ڪيائين، چماٽ کائڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن پنهنجن دوستن کي به وٺي آيو پر مون اسڪول جي پرنسپال کي ٻڌائي ڇڏيو هو انهن ڇوڪرن کي مار به ڪڍي، جنهن کانپوءِ منهنجي جان ڇٽي پر صرف هن ڇوڪري کان، ان کانسواءِ اهڙا ڇوڪرا هر جاءِ تي آهن، هر پاڙي ۾ هر رستي تي ، بازارن ۾، گهٽين ۾ رستي تي هر جاءِ تي اسين ڪنهن ڪنهن کي چماٽ هڻون. هڪ ٻي ڇوڪري علينه جو چوڻ آهي ته بازار وڃون تڏهن به ڇوڪرا تنگ ڪندا آهن، بس ۾ وڃون تڏهن به بدتميزي ڪندا، بازارن ۾ خاص طور تي جتي عورتون يا ڇوڪريون وڌيڪ هونديون آهن اتي فالتو مرد ۽ ڇوڪرا گهڻا هوندا آهن ۽ ڄاڻي واڻي اسان سان بدتميزي ڪندا آهن، ٺونٺ هڻندا يا جملا چوندا ويندا آهن، بازارن ۾ صرف عورتن کي وڃڻ جي اجازت هجي مرد ۽ ڇوڪرن کي منع ٿيل هجي ته اسين ڇوڪريون ۽ عورتون سڪون سان خريداري ڪري سگهون.

No comments:

Post a Comment