Tuesday, July 21, 2009

چيو وڃي ٿو ته جهالت جي دور ۾ نياڻين کي ڄمندي ئي زنده دفن ڪيو ويندو هو، پر ڀلا ٻڌايو ته هي دور ڇا ان دور کان به وڌيڪ جهالت جي چوٽ چڙهيل نه آهي؟ قانون جا رکوالا ئي قانون کي راند بڻائين ٿا، 14 سالن جي شازيه جنهن کي پوليس اهلڪار ڪجهه مهينا اڳ اغوا ڪيو سندس عزت سان کيڏندا رهيا، ڪامورن آفيسرن کي پيش ڪندا رهيا، ناري جي نشاندهي باوجود آزاد گهمندا رهيا، ناري جي شادي واري ڏينهن ان کي ٻيهر اغوا ڪيو ويو، ان کي گوليون هنيون ويون، قانون سڀ ڄاڻندي به خاموش آهي، لوڌران ۾ معصوم نياڻي کي ٽي ڏينهن اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، مجرم بااثر شخصيت جو پٽ هئڻ ڪري گرفت ۾ نه ٿو اچي سگهي، ڇا ڪاڻ جو اهو يونين ناظم جو پٽ آهي، ان معاملي ۾ به قانون سڀ ڄاڻي ٿو، پر قانون تي خاموشي طاري آهي، پير ڳوٺ ويجهو 14 سالن جي يتيم گونگي نياڻي جي عزت جي عزت جي پامالي ٿئي ٿي مجرم کي سڀ ڄاڻن ٿا پر قانون جي بي حسي برقرار آهي، ڪو رنگي ۾ 3 سالن جي معصوم ثنا زيادتي بعد قتل ڪئي وڃي ٿي مجرم جو تعلق ٽريفڪ پوليس سان ٻڌايو وڃي ٿو، مجرم پوليس جي گرفت ۾ آهي پر خبر نه آهي ڇا ٿيندو؟ اهو خون به ناحق لڙهي ويندو، مجرم ضمانتون ڪرائيندا ڏوڪڙ به ڀريندا، ڪيس هلندا، پيشيون ٿينديون ۽ غريب والدين پهچ نه رکندي ته ڪڏهن وري مجرم جي ڌمڪين جي ڪري رلي ۽ روئي خاموش ٿي ويندا، پوءِ هوريان هوريان اهڙا واقعا ميڊيا وارن کان به وسري ويندا، ڪير اگهندو اهڙن بي وسن، مسڪين ۽ بدنصيب ماڻهن جا لڙڪ، ڇا ڪو معجزو ٿيندو؟ جيڪڏهن ڪنهن ڪاموري جي سس يا سهرو وفات ڪري ٿو ته اسان جي حڪمرانن کي دلي افسوس ٿئي ٿو، ڪنهن مظلوم نياڻي جي عزت جي پامالي ٿئي ٿي اهي انصاف لاءِ واجهائين ٿيون، ڀٽڪن ٿيون، ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ميڊيا جي توجهه هٽي وڃي ٿي، نوان ڪيس سامهون اچن ٿا ميڊيا انهن جي ڪوريج ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو، انهن مظلوم خاندانن کي ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو، انهن بي وس مظلومن جو آواز، انهن سڏڪن جو پڙاڏو سڄو معاشرو ٻڌي ٿو، اسان جا حڪمران نٿا ٻڌن، ۽ نه وري ڪو افسوس ڪن ٿا. هي جيڪي بي وس خاندان ڏکايل نياڻيون انصاف لاءِ ڀٽڪي واجهائين ٿيون، هي جيڪو عوام غربت کان تنگ اچي خودڪشيون پيا ڪن اهي عوام ئي ته آهن، جنهن جي ووٽ ذريعي اسان جا نمائندا ڪرسي چڙهيا آهن، اها ڪرسي اها طاقت عوام جي آهي پر افسوس جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ نمائندا هڪ ڀيرو به انهن جو حال نه ٿا پڇن، آخر مظلوم عورتن سان انصاف ڇو نٿو ٿئي؟ ڪير آهي جيڪو هن سوال جو جواب ڏيندو؟ حڪمران، جيڪي مظلومن جي دانهن ٻڌن ئي نٿا يا سماج جيڪو هر روز عورت تي ظلم جي هڪ نئين سنگباري ڪندو آهي.

No comments:

Post a Comment